پير ترهو رعيَتي

پير ترهو رعيَتي: پير ترهو رعيتي، دادو تعلقي جي ديهه آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
فتح پور، الهه آباد، پيارو آرائين، شاڪي کيڙو، فيض محمد ملڪ، قاضي پير محمد، غلام چانڊيو، پير ترهو، حاجي بچل چانڊيو، قمبراڻين جا گھر، پنهون پنهور، غلام رسول چانڊيو ۽ جمالي وليج. هن ديهه ۾ ٽي ڳوٺ تمام اهم آهن. (1) پير ترهو ڳوٺ، جنهن ۾ بلاولي تحريڪ جي اهم شخصيت پير ترهي ۽ جلال کٽيءَ جون مزارون آهن. (2) ٻيو ڳوٺ فتح پور هو، جيڪو اصل ته درياهه ٻوڙي ڇڏيو، پر هن وقت نئون ڳوٺ ٻڌو ويو آهي. هي ڳوٺ ميرن جو ٻڌايل هو ۽ اُن جا پراڻا کنڊر موجود آهن. (3) ٽيون ڳوٺ غلام چانڊيو آهي، جتي سنڌ جو ناميارو شاعر استاد بخاري، ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه، نامور شاعر جانڻ سونارو ۽ شجاع محمد سانوڻائي پيدا ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو